تاريخ سنڌ

تاريخ سنڌ

تاريخ سنڌ 5

تاريخ سنڌ 5 (تاريخ سندهه) (ڪتاب ):هي ڪتاب اردو زبان جي مشهور مصنف اعجازالحق قدوسيءَ، ٽن جلدن ۾ تصنيف ڪيو آهي، جيڪو اردو سائنس بورڊ، لاهور، ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. ”تاريخ سنڌ“ جو پهريون جلد، ڊيمي سائيز جي 583 صفحن تي مشتمل آهي. اُن جي چوٿين ايڊيشن جي قيمت 80 رپيا رکي وئي آهي، ۽ اهو 1990ع ۾ شايع ٿيو آهي. ”تاريخ سنده“ جو ٻيو جلد، ڊيمي سائيز جي 868 صفحن تي مشتمل آهي. ان جي چوٿين ايڊيشن جي قيمت 110 رپيا رکيل آهي، ۽ 1990ع ۾ شايع ٿيو آهي. جڏهن ته ”تاريخ سنده“ جو ٽيون جلد، ڊيمي سائيز جي 340 صفحن تي مشتمل آهي ۽ اُن جي پهرئين ڇاپي جي قيمت 40 رپيا آهي، جيڪو 1984ع ۾ ڇپيو آهي. ٽنهي جلدن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:


هن صفحي کي شيئر ڪريو